جروار، دريا خان مري، ميهڙ ۽ ساماري جون خبرون

جروار: ميرپور ماٿيلو مان کنڀي گم ڪيل شاگرد جي بازيابي لاءِ احتجاج

دريا خان مري: سيد نور محمد شاه لڪياري ۽ شاهه محمد شاهه لڪياري جي عرس تقريب

ميهڙ: سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين بنيادي مسئلن خلاف ڌرڻو

سامارو: چمبڙ ۾ هارين جي زمينن تي قبضي خلاف احتجاج

جروار ۾ 9 ڏينھن اڳ ميرپور ماٿيلو مان کنڀي گم ڪيل شاگرد باسط گبول جي بازيابي لاء وارث پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي باسط گبول جي امڙ رابيلي گوبل، چاچي وحيد گبول ۽ ٻين چيو ته  9 ڏينھن اڳ ميرپور ماٿيلو مان ويگو سوار اڻڄاتل ماڻھن اسان جي نوجوان کي بيگناھ کنڀي کڻي ويا آھن جڏھن ته نوجوان جي غير موجودگي سبب گھر ۾ ماتم متل آھي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته  آء جي سنڌ ، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين  اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير نوٽيس وٺي آزاد  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ووڌايو ويندو.

 

دريا خان مري ڀرسان درگاھ سيد سليمان شاھ لڪياري تي سيد نور محمد شاه لڪياري اول جو 39 هون ۽ سيد شاه محمد شاه لڪياري جو 12 ھون عرس ڀرپور نموني ملھايو ويو.

درگاھ جي گادي نشين سيد نور محمد شاھ لڪياري سوين مريدن سان گڏ درگاھ تي چادر  چاڙھي عرس تقريبن جي شروعات ڪئي.

تقريب ۾ سيد نورمحمد شاه لڪياري، سيد عزت علي شاه،  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏھن ته سوين مريدن ۽ عقيدت مندن شرڪت ڪري محفل کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا.

عرس تقريب دوران راڳ رنگ جي محفل پڻ رٿي وئي  سنڌ جي صوفي راڳين  محمد شريف زرداري، اعجاز خاصخيلي، سميت ٻين صوفي فنڪارن صوفي ڪلام ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو.

 

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين بنيادي مسئلن خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران ممتاز لاکير ،محمد اسماعيل جانوري ،ظھور کوکر ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو چوڪ کان پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ھڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي ٻٽي پاليسي سبب سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

ھنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سبب ساريالو فصل ناهي ٿي سگھيو.

ھنن چتاء ڏيندي چيو تڌارين ڌارين جي سنڌ ۾ اڄڻ تي پابندي هنئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

چمبڙ ۾ هارين جي زمينن تي قبـضي خلاف هاري ڪاميٽي پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪامريڊ ڏيارام ويراچ، ڪامريڊ وڪرم ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ سامارو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هارين سان ڏاڍ ٿي رهيو آهي، چمبڙ ۾ ھارين جي زمين جي رڪارڊ ۾ غير قانوني ڦير ڦار ڪري  قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هنن چيو ته زرعي زمين جي رڪارڊ ۾ غير قانوني ڦير ڦار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري چمبڙ جي مختيار ڪار ۽ اي سي خلاف نيب ۾ ڪيس ھلايو وڃي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته قبضو ڪيل زمينون اصل مالڪن حوالي ڪيون وڃن ٻي صورت ۾احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.