ڪنڌڪوٽ، گمبٽ، خيرپور ۽ ٽنڊي رحيم جون خبرون

ڪنڌڪوٽ: وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف پ پ جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

 

آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگردن جي گرفتاري ۽ تشدد خلاف احتجاج

 

خيرپور: وفاقي ادارن مان ملازمن جي برطرفين خلاف احتجاجي مظاهرو

 

ٽنڊو رحيم خان: جوهي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

 

 

پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي سنڌ سان زيادتين خلاف ڪشمور کان ڪراچي تائين احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي شاميانا ھڻي مير الطاف احمد کوسو، صادق گولاٽو، قربان علي بنگوار، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي  ڌرڻو هنيو ويو. جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته وفاق سنڌ جو پاڻي چوري ڪري، اين ايف سي ايوارڊ تحت رقم نه ناهي ڏئي رهيو، جڏهن ته سنڌي ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته سنڌ ۾  بجلي ۽  گيس جو هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي ڪشمور کان ڪراچي تائين احتجاج جو سڏ ڏنو آھي جنھن جي شروعات ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان ڪئي وئي آھي.

 

 

گمبٽ ۾  آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن جي گرفتاري ۽ تشدد خلاف قومي شاهراهه کان گمبٽ پريس تائين پيدل مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ذيشان مگريو، عامر علي سھتو، سفير علي سامٽيو،  ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پر امن احتجاج ڪرڻ ھر ڪنهن جو حق آهي يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي اسڪالر شپ واري معاملي خلاف آواز اٿارڻ تي انتقامي طور شاگردن کي بي گناهه ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرايو آهي، جڏهن ته شاگردن تي تشدد به ڪيو ويو آهي.

شاگردن حڪومت سنڌ کي چتاءُ ڏيندي چيو ته شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي ۽ جائز مطالبن تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ يونيورسٽي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هينو ويندو.

 

 

خيرپور ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپئن پاران وفاقي ادارن مان ملازمن جي برطرفين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن محمد صالح چانڊيو ، تراب علي  رند،  فيروز ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته وفاقي ادارن مان ملازمن جون برطرفيون پورهيت دشمن فيصلو آهي، 16000 هزار ملازمن جي خاندانن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي،

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

 

جوهي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ٽنڊي رحيم خان ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگار اڳواڻ سڪندر جمالي،اعجاز جمالي، ميهر گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان شهر جي مُک بازار تائين ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان زرعي پاڻي جو هٿرادو کوٽ ڪري جوهي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻايو ويو  آهي جنهن سبب زراعت سان سلهاڙيل هزارين جوهي واسين بُکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي نه هجڻ سبب ويران ٿي ويا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته  جوهي جي زرعي پاڻي تي منُڍ جا بااثر زميندار آبپاشي عملي جي ملي ڀڳت سان ڌاڙو هڻي پاڻي چوري ڪري جوهي جي هزارين آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن ، جوهي حصي جو وڌيڪ پاڻي چوري ٿيڻ برداشت نه ڪندا.

هنن چيو ته  مسئلي جي حل تائين  جدوجهد جاري رهندي ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين احتجاجي مظاهرن جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.