لاڙڪاڻي جي سيٽ نه سنڀالي سگهندڙ بلاول ملڪ ڪيئن سنڀاليندو؟ ناصر محمود

 

پنو عاقل (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومري چيو آهي ته پي ڊي ايم مضبوط اتحاد آھي، عمران خان کي جلد گھر ڀيڙو ڪري حڪومت ٺاهينداسين.

پني عاقل  ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا ناصر محمود سومري چيو ته بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي جي سيٽ نٿو سنڀالي سگھي ته پارٽي ۽ ملڪ ڪيئن هلائي سگھندو؟ پي ڊي ايم مضبوط اتحاد آھي، جلد ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت بحال ڪري عمران نيازي سميت لوٽن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو.

هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ملڪ جي حقيقي اسلامي ۽ جمھوري قوت رکندڙ جماعت آھي، ڊي ايم پاڪستان ۾ مضبوط اتحاد ٿي چڪو آھي، جنھن ڪري ڪيترائي مخالف اڳواڻ واهڙائپ جو شڪار ٿي ويا آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.