جنرل فيض حميد جي ڪابل وڃڻ سان ڀارت کي ڪهڙي تڪليف آهي؟

 

خيبر (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهر وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ اهو خطو انتهائي اهم ٿيڻ وارو آهي، ممڪن آهي ته هڪ نئون بلاڪ جوڙيو وڃي.

طورخم بارڊر تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته افغان پناهگيرن جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا پروپئگنڊا ڪري رهي آهي، افغانستان مان 4 هزار ماڻهو پاڪستان آيا آهن پر ان کان وڌيڪ ماڻهو افغانستان ويا آهن.

هن چيو ته طورخم بارڊر تي حالتون معمول جهڙيون آهن ۽ هتي پناهگيرن جي ڪا به ڪئمپ ناهي، اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ افغانستان مان 10 هزار ماڻهن کي ڪڍيوسين، دنيا اسان جي ڪردار کي ساراهي.

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ڪابل دوري بابت سندس چوڻ هو ته جنرل فيض حميد ڪابل ويو آهي ته ڀارت کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڇا چين، آمريڪا، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو اوڏانهن نه ويا؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.