”ڪراچي لاءِ 1100 ارب رپين جي پيڪيج جي پهرين ورسي اچي وئي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته گذريل سال وزراعظم ڪراچي لاءِ 1100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي پهرين ورسي به اچي وئي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته روڊ ٺاهي رڳو هڪ ڊرامو ڪيو پيو وڃي، ڪنٽونمينٽ چونڊون سامهون آيون ته روڊ ٺهڻ شروع ٿيا.

هن چيو ته پ پ دعوائون کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ پنهنجو ايڊمنسٽريٽر لڳائي ڇڏيو، 25 ملي ميٽر جي برسات ۾ ڊي ايڇ اي ٻڏي ويو، برسات پول پڌرا ڪري ڇڏيا.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ رڳو اعلان ئي ڪيا ويا پر ڪم ڪجهه نه ڪيو ويو، وزيراعظم گذريل سال 1100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي پهرين ورسي اچي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.