طالبان جو ڪابل ۾ فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ڪابل ۽ ٻين شهرن ۾ هوائي فائرنگ بابت واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابل ۽ ٻين صوبن جي سڀني عهديدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو ۽ انهن کان هٿيار کسيو.

هن چيو عهديدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فائرنگ ڪندڙن کي شهرن مان به ٻاهر ڪڍو، انهن ته انهن جي سڃاڻپ ۽ سزا لاءِ پوليس سربراهن ۽ انٽيليجس اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته پنجشير وادي تي طالبان جي قبضي کانپوءِ ڪابل ۽ ٻين شهرن ۾ خوشي ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۾ ماڻهو مارجڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.