ن ليگ ۾ قيادت لاءِ هر هفتي ٽاس ٿيندو آهي: فواد چوڌري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت جو افغانستان ۾ ڪو ڪردار ناهي ۽ اسان ڀارت کي اجازت نه ڏينداسين ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪري.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڀارت ڇو افغانستان لاءِ ٿيندڙ ڪوششن تي تنقيد ڪري رهيو آهي، ڀارت جو افغانستان سان ڪو واسطو ناهي، ڇو ته ان جي هڪ سرحد به افغانستان سان نٿي ملي پر ڀارتي کي مانيٽر ڪيو وڃي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ افغانستان ڀارت جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.

هن چيو ڀارتي ٽيڪس ڏيندڙن کي گهرجي ته اهي مودي کان پڇن ته افغانستان ۾ اربين ڊالر ڇا ضايع ڪيا ويا؟ ڀارتي لوڪ سڀا به مودي کان پڇي ته ڀارتي عوام جا اربين ڊالر افغانستان ۾ ڇو لڳايا ويا؟ پاڪستان جي پاليسي اها آهي ته هڪ عام افغان شهري جي زندگي به ايتري ئي اهم آهي، جيتري افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن جي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، شهباز شريف، بلاول، مريم ۽ فضل الرحمان کي خبر ناهي ته هڪٻئي جي راءِ ڇا آهي، ن ليگ جي اندر وڏي ويڙهه جاري آهي، ن ليگ ۾ هر هفتي ٽاس ٿيندو آهي ته هڪ هفتو شهباز شريف قيادت ڪندو ۽ ٻئي هفتي مريم نواز، ان ئي ٽاس جي نتيجي ۾ ٽئين هفتي شاهد خاقان عباسي ۽ چوٿين هفتي نواز شريف جو وارو ايندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.