قانون جا رکوالا به غير محفوظ، عورت سب انسپيڪٽر سان لڄالٽ

 

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) ڪنهن به ملڪ ۾ پوليس قانون جي حڪمراني ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فرضن جي ادائيگي دوران ٻين جا محافظ پاڻ به غير محفوظ بڻجي ويندا آهن.

اهڙو ئي هڪ وقت پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه پيش آيو آهي، جتي عورت سب انسپيڪٽر کي اغوا کانپوءِ مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

پوليس موجب عورت سب انسپيڪٽر ڪيس جي سلسلي ۾ ٿاڻي صدر وڃي رهي هئي ته ڪار سوار جوابدار کيس اغوا ڪيو ۽ چمن باءِ پاس ڀرسان هڪ باغ ۾ وٺي وڃي کيس لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

پوليس ٻڌايو ته جوابدار سب انسپيڪٽر تي تشدد به ڪيو، جڏهن ته متاثر عورت کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار ڪاشف کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي، سب انسپيڪٽر جي اغوا، مٿس تشدد ۽ کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس سٽي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ جاچ جي نگراني ڊي ايس پي سٽي ٿاڻو ڪندو.

هوڏانهن آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ڊي جي خان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ گرفتار جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.