شيائومي گهٽ قيمت وارو بهترين فون آڻي ڇڏيو

 

شيائومي ڪمپني موبائل جي هڪ بهترين ڪمپني آهي جنهن مختلف وقتن ۾ ڪيترائي فون مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايا آهن.

ڪمپني هن ڀيري پنهنجو نئون ۽ گهٽ قيمت وارو بهترين فون ريڊ مي 10 پرائيم متعارف ڪرايو آهي.

فون کي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو جيڪو بنيادي طور عالمي سطح تي ريڊمي 10 جي نالي سان پيش ڪيو ويندو.

تنهن هوندي به ريڊ ۾ پرائيم ۽ ريڊ مي 10 ۾ هڪ فرق ضرور آهي جيڪو بيٽري جو آهي.

ان نئين فون ۾ 6000 ايم اي ايڇ جي بيٽري آهي جڏهن ته ريڊمي 10 ۾ 5000 ايم اي ايڇ جي بيٽري ڏني وئي.

ريڊمي 10 پرائيم ۾ 6.5 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايف ايڇ ڊي پلس ريزوليوشن سان گڏ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 88 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

ڪمپني موجب ريڊمي 10 پرائيم کي پاور بينڪ ۽ ٻين ڊوائيسز کي ڪيبل جي مدد سان ريورس چارج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ريڊ مي پرائيم 10 ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم ايم آءِ يو آئٽي 12.5 سان ڪيو ويو آهي.

آءِ آر بلاسٽر،هيڊ فون، جيڪ،وائي فاءِ 802.11a  ۽ بليوٽوٿ 5.1 وڌيڪ قابل ذڪر فيچر آهن.

فون جي پٺيان چئن ڪيميرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جيڪو 50 ميگا پڪسل مين، 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيميرائن تي ٻڌل آهي.

فون جي اڳيان 8 ميگا پڪسل ڪيميرا پنچ هول ڊيزائن ۾ لڪل آهي.

هن فون جو 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 170 ڊالرز (28 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 198 ڊالر (33 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.