”گيلاني جو مڙهه کسڻ ۽ گهر ڀاتين خلاف ڪيس ڀارتي فاشزم جو شرمناڪ مثال آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت آر ايس ايس ۽ نازي نظريي سان متاثر آهي.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان ڀارتي فوج طرفان سيد علي گيلاني جو مڙهه کسڻ جي مذمت ڪندي چيو ته 92 ورهين جي سيد علي گيلاني جو مڙهه کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهر ڀاتين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ڀارتي فاشزم جو شرمناڪ مثال آهي.

هن چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جو سڀ کان احترام لائق ۽ اصول پسند اڳواڻ هو، اهڙن قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي حڪومت آر ايس ايس ۽ نازي جي نظريي سان متاثر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.