ملير بدامني جي ور، ڦر ۽ چوريون معمول، ڌرڻو

ملير (ڊ.ر) بن قاسم ڪار ڊيلر ايسوسيئيشن پاران چورين، ڦرن جي وارداتن خلاف گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڪيترن مهينن کان شورم جا تالا  ٽوڙي ڏوهارين پاران چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويا آهن، ملير ۾ شوروم مالڪان کان ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر پوليس ڏوهارين کي گرفت ۾ نه آڻي سگهي، اسين عدم تحفظ جا شڪار آهيون، مظاهرين، خبر موجب ؛ بن قاسم ڪار ڊيلر ايسوسيئيشن پاران چورين، ڦرن جي وارداتن خلاف حاجي بانود خان، نذير سيال، عدنان خان، نور حسن ۽ ٻين يج اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي مظاهرو ڪري ڌرڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملير جي مختلف علائقن اسٽيل ٽائون، گلشن حديد، پپري، شاهه ٽائون ۽ ڀرپاسي  ۾ ڪجهه مهينن ۾ دڪانن جا تالا ٽوري چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته 30 آگسٽ 2021 تي ڏينهن ڏٺي مين نيشنل هاءِ وي تي چئن ڪار سوار جوابدارن چئن شورمن پاڪستان موٽرز، الحديد موٽرز، سٽي موٽرز، هونڊا موٽرز جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو ضروري سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا . جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر 2 سيپٽمبر 2021 تي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٽن جوابدارن گن پوائنٽ تي جاويد موٽرز قائداعظم پارڪ آڏو بينڪ مان ڪڍرايل 13 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هنن چيو ته چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ مسلسل اضافي سبب بن قاسم ڪار ڊيلر ايسوسيئيشن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي، چورين، ڦرن جو وارداتون پوليس سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن جي منهن تي چماٽ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تاجرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، هنن چيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته چورين، ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب، وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.