نئون ڳوٺ ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه، تحريڪ جو چتاءُ

نئون ڳوٺ (رپورٽ:شمشاد علي ساھڙ)نئون ڳوٺ شھر ۽ ان جي پسگردائي جي ڳوٺن ۾ ڪجھ مھينن دوران نامعلوم چاٻي چورن ڳوٺاڻن محمد خان چانڊيو قربان لاکير غلام سرور لاکير اصغر لاکير بھارو عمراڻي سليم سھارڻ راشد جويو عبدالرشيد جوڻيجو اعجاز سولنگي احمد ڪلھوڙو امين ڪلھوڙو فياض پيرزادو امداد سامٽيو فياض لاکير قمرالدين لاکير ساجد جويو غلام مصطفي ڪلھوڙو ڀورل ڪلھوڙو اعظم ڪلھوڙو صالح ڪلھوڙو سميت 2 ڊزن کان مٿي موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪري ويا جڏهن ته عالم عباسي جي دڪان مان 25 ھزار روڪ 4 عدد ٽچ موبائيلون ملنگ سھارڻ جو 3 ٻڪريون ماستر گاھي لاکير جي پاڻي واري چائنا جي مشين غلام رسول ڪلھوڙو جون سولر پليٽون واجد علي چانڊيو جون سولر پليٽون صدرالدين لاکير جي مينهن عباس لاکير جو ڇيلو خير محمد لاکير جو 85 ھزار ماليت جو انويٽر قربان لاکير جو 50 ھزار ماليت جو انويٽر حيدر پنجابي جي سولر پليٽ وچ شھر مان ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ نثار خاصخيلي کان 35 ھزار روڪ عباسي ڪميونيڪيشن جي مالڪ مولابخش عباسي کان ھٿيارن جي زور تي 2 عدد ٽچ موبائيل سيٽ نامعلوم ھٿيار بند ڦري فرار ٿي ويا جڏھن ته درگاھ سعدي موساڻي جي روضي ـ مسافر خانن ۽ ننگر خاني تان روزاني جي بنياد تي زائرين جي کيسن مان شاھينگ ھزارين رپيا ۽ موبائيلون فونون ڪڍي وڃن ٿا نئون ڳوٺ پوليس صرف متاثرن جي فرياد تي رپورٽ درج ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ڪجھ ڀاڳين بااثر وڏيرن جي معرفت ڀنگ عيوض گاڏين جي واپسي جا اطلاع آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.