قمبر ۾ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج، عورتن سميت مظاهرو

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعد الله چانڊيو ۾ ٻارن جي معاملي ڳالھ تان چانڊيہ برادري جي ٻن ڌرين  ۾ ٿيل جهيڙي  ۾ ٻہ ڄڻا زخمي ٿي پيا جن جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميروخان پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد چانڊيو،ارشاد چانڊيو، مسمات زبيده،مسمات نصيبان ۽ ٻين چيو تہ مخالف ڌر جا ماڻهو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ صدام حسين،غلام نبي چانڊيو ۽ ٻيا اسان جي گهرن ۾ اچي گار گند ڪري رهيا آهن پر پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.  ڇو تہ هنن جا ماڻهو پوليس ۾ آهن، هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.