پني عاقل ۾هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي، احتجاج

پنوعاقل (رپورٽ : نور محمد سومرو ) جمعو ڀٽو جي رھواسين شمشاد علي، اختيار علي، وزير،گلبھار،اشفاق،سجاد ڀٽو مائي حميده،مائي ارشاد،مائي رخسانه،مائي رمانه ڀٽو ۽ ٻين معصوم ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ذاتي 8 ويسن تي ٺھيل جڳھ(گھر)ڊاھي  قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ حفيظ(عرف)مٺو ،شفيق،محمد علي،اڪبر،عاشق  ۽ ٻين رات جو گھر ۾ گھڙي زوري ٽپڙ کڻائي لڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ دوران اسان گھر ڀاتين پاران مذاھمت تي ھٿياربندن حفيظ ۽ ٻين سڌي فائرنگ ڪري رحمان علي،اشفاق ۽ مائي ارشاد بيگم سخت زخمي ٿي پيا جڏھن ته ٻين کي به ھٿيارن جا ڪنداڪ لٺيون ۽ سران ھڻي مرڻينگ ڪيو ته ان وقت اسان گھر ڀاتين حفيظ ۽ شفيق ڀٽو کي گھر ۾ ئي سوگھو ڪري برادري جي موجودگي ۾ سٽي پوليس حوالي ڪيو سون،ھنن چيو ته ھٿياربند گھر به اسان جي تي قبضو ڪرين ٿا ۽ مارين به اسان کي ٿا.مظاھرين مرد توڙي عورتون سخت نعري بازي ڪندي چيو ته اسان تي حملو ڪرائيندڙ پوليس ۽ ڪجھ بااثر ماڻھون ملوث آھن،جن جي خلاف ٻن ڏينھن ۾ ھاءِ ڪورٽ پھچي ظاھر ڪنداسون،ھنن ڊي آءِ جي سکر سميت وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته اسان تي حملو ڪري ورتي اسان جي مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙن قبضا خورن خلاف قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.