آريجا لڳ شاخ جي پل ٽٽي تباهه، ڳوٺن جو رابطو ڪاٽا

خير محمد آريجا (ن ع آ)خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ مهراڻو ڳوٺ بٺ ڳوٺ رسول بخش هليو ڳوٺ مشوري ۽ ٻين ڳوٺن جي مين رستي جي شاخ جي پل ٽٽي تباھ ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري مختلف ڳوٺن جي ماڻهن حافظ ساجد جيسر شهزادو مشوري احمد بخش مشوري عرس مشوري خادم حسين پنهور ۽ ٻين آريجا پريس ڪلب جي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيدي چيو ته اسان جي 5 کان وڌيڪ ڳوٺن جي مين رستي جي شاخ جي پل ٽٽي پئي آهي جنهن جي ڪري اسان کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو غمي هجي يا خوشي هجي وڏي گاڏي ڪار بس ويگن يا ٻئي گاڏي اسانجي ڳوٺن ڏانهن نه ٿي اچي سگهي بيماري بڙي ۾ اسان کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان موقعي تي هنن تڪ جي ايم پي اي ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي معامري جو نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن جي مين رستي جي شاخ جي پل نئين تعمير ڪرائي بيچيني دور ڪئي وڃي ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.