واهي پانڌي ۾ هيرو خان پوليس خلاف مظاهرو

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ڪاڇي جي شھر ھيروخان ۾  پوليس جي زيادتين خلاف مستوئي برادري جي ماڻھن احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي روشن مستوئي سندس پٽ مبين ۽ ٻين ھيروخان پوليس جي خلاف ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو آھي ته ھئيروخان  پوسٽ انچارج اسان سان انتقامي ڪارواين تي لھي پيو آھي ھروز نوان ڊراما رچائي پرائيويٽ ماڻھو وٺي ناانصافيون ڪندو رھي ٿو ڪلھ منھنجو پٽ مبين مستوئي پنھنجي گھر واري سان گڏ موٽرسائيڪل تي اچي رھيا ھئا ته انھن جي رستا روڪ ڪري ھٿيار تاڻي کيس ٽي ھزار نقد ھڪ ٽرچ موبائيل فون ڦر ڪئٔي. بعد ۾ ان سان گڏ ھڪ شخص جيڪو پوليس وارو به ناھي جاڙو ٻٻر منھنجي پٽ ۽ ننھن جي تزليل ڪري گارگند ڪري ھڪ ڪلاڪ تائين مختلف طريقن سان حيراسان ڪري خاموش ٿيڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائڻ جون ڌھمڪيون ڏنيون جاڙو ٻٻر ھڪ گنڊي قسم جو ماڻھو آھي ھئيروخان پوليس جي زور تي شھرين کي تنگ ڪري منٿليون اڳاڙيندو وتي ٿو هنن آء جي سنڌ ڊي آئي جي حيدآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ته اسان جو نوٽس وٺي منھنجي پٽ کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ھئيروخان پوسٽ انچارج ۽ ان جي گنڊن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.