اڏيري لال ۾ عورت جو مڙس خلاف احتجاج، تشدد جون دانهون

اڏيرولال (ن ع آ) حيدرآباد جي سبزي منڊي جي ماڇي ڳوٺ جي رهواسڻ انعم درس ٻارن سميت پنهنجي مڙس ۽ سندس ڀائرن سهراب درس، بهرام درس، نناڻ پروين  ۽ ٻين خلاف  پريس ڪلب اوڏيرولال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس مڙس اقبال درس موالي ۽ چور قسم جو ماڻهو آهي جيڪو اڪثر ڪري مونکي ماريندو ڪٽيندو ۽ مونکي ڏنڀ ڏيندو رهندو هو ۽ غلط ڪم ڪرڻ لاءِ چوندو رهندو هو، جنهن ڪري آئون ان کي ڇڏي هتي اوڏيرولال اسٽيشن  پنهنجن مائٽن وٽ آئي آهيان ته هاڻ وري منهنجي مڙس جي ڀيڻ پروين درس اچي ڌمڪي ڏئي  وئي آهي ته اسان توکي نه ڇڏينداسين، تون اسان جي ڀاءُ اقبال درس جيڪو منهنجو مڙس آهي کي گم ڪري مارائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ان معاملي جي مونکي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ منهنجي مڙس کي هنن پاڻ گم ڪيو آهي ۽ هاڻ مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ته تون اسان جي ڀاءُ کي گم ڪيو آهي. آئون پنهنجي معصوم ٻچن سميت دربدر آهيان ۽ ٻارن جي کير لاءِ به پريشان آهيان. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ وس وارن کان نوٽيس وٺي  انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.