گهوٽڪي ميونسپل ملازمن جي پگهارن لاءِ 27 هين ڏينهن به بک هڙتال

گهوٽڪي ( ڊ ر ) ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن جي 27 ڏينهن بہ پگهارن جي بحالي لاءِ پاڪستان چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئمپ جاري آهي ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن مختيار  ٽڳڙ ،  ،ڪفايت ﷲ گهوٽو ،شاھد لاکو ،وحيد مراد چنا ،اونگزيب چنا ، مٺا ملڪ ، رائو وقار ، محمد دين مهر سميت ٻين ملازمن 27 ڏينهن به  17 مهينن کان پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رکندي چيو تہ گھوٽڪي جي پ پ قيادت پ پ چيئرمين سان گھوٽڪي  جي دوري تي گڏ آھي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسانکي صرف سياسي بنياد تي پگھارون  بند ڪيون ويو آھن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ،مڪاني کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاه پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي اڳيان پگهارون جي بحالي لاءِ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو پر جنهن جو نوٽيس بلاول ڀٽو زرداري اڃان تائين پريس ڪانفرنس ذريعي نه ورتو آهي جنهن جو افسوس آهي  ٻئي پاسي پ پ قيادت جلسن ۾ روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري ٿي ته هڪ پاسي اسان جون 17 مهينن کان پگهارون بند ڪري بيروزگار ڪيو ويو آھي ۽ فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي جيڪي پ پ جي منشور جي بلڪل ابتڙ آهي   احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ احتجاجي ڪئمپ پگهارن جي بحالي تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.