ڏهرڪي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پنجين ڏينهن به بک هڙتال

ڏهرڪي )ت ر( ڏهرڪي اسپتال کي اپگريڊ نه ڪرڻ ڊاڪٽرن دوائون جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي ڏهرڪي جي بک هڙتال پنجين ڏينهن به جاري ان موقعي تي اڳواڻن گلزار شر نجم ڀنگر ڄام معشوق سميجو مجيب سميجو ۽ ٻين چيو ته اڄ بک هڙتال کي پنجون ڏينهن اهي مگر انتظاميا ڪوبه نوٽيس نج ورتو آهي نه ئي ڪو ڪيمپ تي لڙي آهيو اهي ان مان اهو مطلب نڪري ٿو ته هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ هتان جي انتظاميا سرڪاري اسپتال کي آپگريڊ ڪرڻ ۽ ٻين سهولتون ڏيڻ لاءِ سنجيده ناهي اسين انهن کي آگاھ ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيستائين اسان جا مطالبه منظور نه ڪيا ويندا تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو .بک هڙتال ڪيمپ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي جي سيڪريٽري زاھد علي ڀٽو، مزدور اڳواڻ  رانجھن سميجو ۽ بين جي شرڪت حمايت جو اعلان ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.