ٺل ۾سيپڪو پاران سوين غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽيا ويا

ٺل(ن ع آ)ٺل ۾ سيپڪو پاران غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽڻ جي لاءِ آپريشن، سوين غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽيا ويا،10  ڪلاڪ شهر جي مڪمل بجلي بند، سخت گرمي ۾ رهواسي پريشان،خبر موجب ٺل ۾ سيپڪو پاران غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪئي وئي،ايس ڊي او سيپڪو نثار احمد مڱريو،ايل ايس سيپڪو عبدالستار لاشاري جي اڳواڻي ۾ ٺل شهر ۾ مختلف محلن ۽ ڪالونين ۾ آپريشن ڪندي سوين غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽيا ويا،جڏهن ته آپريشن جي دوران ٺل شهر جي ٽنهي فيڊرن ون، ٽو ۽ ٿري کي بند ڪيو ويو،مسلسل 10 ڪلاڪ آپريشن جي ڪري بجلي بند رهي جنهن سبب سخت گرمي ۾ رهواسين کي پريشاني ٿيندي رهي،سيپڪو اختيارين موجب غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪندي سوين غيرقانوني ڪنڪيشن ڪاٽيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.