صفدر عباسي جون نئون ديرو ۾مختلف برادرين سان تعزيتون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي صدر ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي نئون ديرو ۾ ڪٽپر برادري جي معزز محمد بخش ڪٽپر جي لاڏاڻي تي سندس پٽن ڊاڪٽر خليل ڪٽپر، بشير ڪٽپر، رشيد ڪٽپر ۽ عزيز ڪٽپر سان، محمد اسحاق ڪلهوڙو جي لاڏاڻي تي سندس وارث عاشق ڪلهوڙو سان، نئون ديرو جي واپاري شخصيت نثار منگي جي لاڏاڻِ تي سندس پٽ حسنين رضا، ڀائرن مقبول منگي ۽ اعجاز منگي سان ڌار ڌار تعزيت ڪري دعا گهري. ان موقعي تي همٿ علي ڪلهوڙو، عرفان لاشاري سميت ٻيا اڳواڻ توڙي ڪارڪن پڻ موجو هئا. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر خان مگسي وليد محلا ڪوٽ داراب خان عباسي پهچي ايم پي اي معظم علي عباسي سان سندس والد اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ ايم پي اي معظم علي عباسي سان تعزيت ڪري دعا پڻ گهري.

سکر بئراج ڪالوني ۾ چور گهر ٻهاري ويا

 سکر( رپورٽر) سکر پوليس پاران مبينا مقابلا ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ واري دعوائن باوجود سکر شهر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو ناهي اچي سگھيو، جڏهن ته سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج ڪالوني وارين علائقي ۾ نامعلوم چورن عبدالحميد سولنگي جي گھر ۾ داخل ٿي 3 تولا سونا زيور، 40 هزار روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته واقعي جو ڪيس رات دير تائين داخل ناهي ٿي سگھيو.

قمبر ويجهو تيل کڻي ويندڙ ٽريڪٽر کي باهه لڳي وئي

قمبر (ڊ ر) قمبر غيبي ديرو واري علائقي ۾ مزارڻي گيس فليڊ تي تيل کڻي ويندڙ ٽئنڪر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي ڏسندي ئي ڏسندي باھ پوري ٽئنڪر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو،البته ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو واقعي کانپوءِ غيبي ديرو پوليس ٽينڪرن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.