”پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ جوهي ۾ آبادگار سراپا احتجاج

جوهي  ( ن ع  آ   ) جوهي جي متاثرين 8 شاخن ۾ زرعي پاڻي جو ڦڙو به نه پهتو, آبادگارن  هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي عبدالطيف جمالي, ميهر گاڏهي, امام علي رستماڻي سڪندر جمالي , گلشير رند, خان محمد  رودناڻي , ياسين جمالي, صفر لنڊ,   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد  مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته جوهي برانچ مان نڪرندڙ 8 شاخون سُڪي وڃڻ بعد هاڻ نشان ئي وڃائي ويٺيون آهن,  متاثرينن جا علائقا هر طرف ڪربلا ۽ قيامت صُغري جا منظر بڻجي ويا , آبپاشي عملدار عدالتي حُڪمن کي وساري ڇڏيو   پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاء سهولتڪاري کي تيز ڪري ڇڏيو پيئڻ لاء ۽ لاش کي غُسل ڏيڻ لاء پاڻي ناهي جر  ختم ۽ بچي ويل کارا ٿي وڃڻ ڪري انسانن سان گڏ چوپايو مال پکي پرندا اڃ مري رهيا آھن  هنن چيو ته منڍ جا بااثر کاتيدار پاڻي تي قابض آهن ۽ سر عام هٿيارن عي زور تي اسان جي زرعي پاڻي تي  ڌاڙا هڻي پنهنجي آبادي ڪري رهيا  آهن, آبادگارن وڌيڪ  الزام هنيو آهي ته پاڻي چوري ۽ جوهي ڪاڇي جي تباهي جا ذميوار دادو جوهي جا چونڊيل نمائنده آهن, هنن چيو ته پ پ ايم پي اي جوهي پير سيد صالح شاھ جوهي جي آبادگارن پاڻي جي گهر ڪرڻ تان ڌمڪائي رهيو آھي متان بنگلي آڏو ٻيهر ڌرڻو هڻن هنن چيو ته  دنيان جي ڪاب اهڙي طاقت ناهي جيڪا اسان جو جهموري حق پر امن احتجاج کان روڪي سگهي ايم پي اي جوهي اليڪشن کان اڳ عوال کي منٿون ڪري رهيو هيو ته ووٽ ڏيو منهنجي اولين ترجهيھ پڇڙي تائين زرعي پاڻي پهچائڻ جو واعدو ڪيو جيڪو هاڻ  سمورن واعدن تان ڦري پيو آھي  آبادگارن وڌيڪ چيو ته جوهي برانچ تي غير قانوني  طريقي سان چونڊيل نمائندن جو قبضو برقرار آھي. جوهي جون پڇڙي تائين هزارين ايڪڙ زرعي زمينون ويران تباه آھن هنن چو ته زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ چونڊيل نمائندن  ۽ انهن جي مقرر ڪيل ڪرپٽ ايري گيشن عملي ۽ پاڻي چورن خلاف سڀاڻي  آچر تي ٽنڊو رحيم خان ۽ اڱاري تي جوهي کان احتجاجي لانگ مارچ ڪري واهي پانڌي ۾ ھزارين آبادگارن جو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو آخر ۾ هنن مطالبو ڪيو ته منڍ جي بااثر کاتيدارن , ڀوتارن ۽ سندن سهولتڪارن پاران پاڻي تي ڌاڙا بند ڪرائي شاخن ۾ پاڻي پهچايو وڃي ۽ جوهي برانچ رينجرس جي حوالي وڃي, هنن اهو به چتاءُ ڏنو آهي ته شاخن ۾ پاڻي نه پهچايو ويو ته چونڊيل نمائندن جي بنگلن آڏو مرڻ گهڙي تائين ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪنداسين .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.