حيدرآباد مان سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد گم

حيدرآباد (رپورٽر ) سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ڀٽائي نگر جو رهواسي هادي بخش نوناري صبح جو گهر کان نڪرڻ بعد لاپتا ٿي ويو سندس موبائيل نمبر به مسلسل بند ٿي ويو آهي جنهن سبب سندس ث  سخت پريشان آهن گم ٿي ويل شاگرد هادي بخش نوناري جي والد استاد لياقت علي نوناري ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي منهنجو پٽ سنڌ يونيورسٽي جو طالب علم آهي گهر کان صبح جو ڪنهن ڪم سانگي نڪتو اڃان واپس نه وريو آهي پٽ جي گمشدگي تي اسين سڀ تڪليف ۾ آهيون ان ڪري اعلي اختيارين ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي گذارش آهي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.