ڪلوئي لڳ ڳوٺاڻن تي مبينا تشدد، احتجاج

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ)ڪلوئي لڳ ڳوٺ ٻنهوار واسين پيرسن مير محمد لُنڊ، مٺان، راستي، رسول بخش ۽ ٻين گهر ڀاتين سخت احتجاج ڪندي  دانهيو ته اسان پنهنجي سروي زمين ۾ ڪافي سالن کان ويٺل آهيون، ڪجهه بااثر ماڻهو  اسان جي سروي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي اڳ ۾ پڻ ٻه ڀيرا حملا ڪري چڪا آهن، ۽ اڄ وري ڪاه ڪري مردن سان گڏوگڏ عورتن پڻ تشدد ڪيو ويو آهي. هنن دانهيو ته اسان تحفظ لاءِ اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي پڻ ٽي ڏينهن اڳ درخواست ڏني آهي، ان باوجود تحفظ نه ملي سگهيو آهي ۽ ويتر اسان جي گهرن تي حملا ڪيا پيا وڃن، هنن انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.