حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ ٻاهران باهه، ماڻهن ۾ ڀاڄ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻاهر جي طرف بجلي جي تارن کي باهه لڳي وئي. باهه دوران وڪيلن ۽ شنواين تي آيل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان ڏس ۾ سيڪيورٽي عملي باهه تي ضابطو آندو. سيڪيورٽي عملي موجب عدالت ٻاهران بجلي جي فيز کي تبديل ڪرڻ واري هنڌ تي باهه لڳي، جنهن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو. جڏهن ته باهه واقعي دوران بجلي جي تارن ۽ سرڪٽ سڙڻ کانسواءِ ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.