راڄو خاناڻي ۾ ڪتا مار مهم شروع، ڪيترائي ڪتا ماريا ويا

راڄوخاناڻي (ن ع آ ) راڄوخاناڻي ٽائون ڪميٽي ۾ ڪتا مار مهم سوين ڪتن کي ماريو ويو تفصيل موجب راڄوخاناڻي ٽائون ڪميٽي آفيسر نعيم حسين ڀنڊ اچڻ سان ئي ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر مير فياض ٽالپر سان ھڪ اھم گڏجاڻي ڪئي گڏجاڻي۾ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرڻ ۽ نئون منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون شھر۾ رولو ڪتن ۽ بيمار جراثيمي ڪتن خلاف مھم جمعدار ميڪش ڪمار جي سربراهي۾ٽيمون ٺاهي ڪتا مار مهم وڏي تعداد ۾ڪتن کي ماري کين شھر جي ماڻھن جي آبادي کان پري مختلف وڏيون کڏون کوٽي ماريل ڪتن کي انھن کڏن ۾پوريو ويو آهي تقريبن ٽي 3 سئو مٿي ڪتا ماريا ويا آهن جڏهن ته مھم ھڪ ھفتي تائين جاري رهندي جيستائين اڪثريت ڪتن مارجي نٿي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.