ميان صاحب ۾شر_ڪيهر تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو

ميان صاحب ( رپورٽ: مظفر ملڪ  ) شڪارپور ضلعي جي ميان صاحب واري علائقي ۾ اٽڪل 28 سالن کان هلندڙ خوني جهيڙي شر ۽ ڪيهر  برادريءَ جي ٻن ڌرين صحبت شر ۽ صحبت ڪيهر جي ڌرين ۾ خوني جيهڙو هلندڙ آهي ، شر – ڪيهر خوني جهيڙي جي خاتمي ۽ نبيري لاءِ علائقي جي ڪيترن ئي چڱن مڙسن جنهن ۾ سردار اختر احمد کوهارو ، درگاھ حضرت ٻڍل فقير جي سائين ثناءَ الله فقير ۽ ٻين پاران تڪراري ڌرين ڏانهن ڪيترائي ڀيرا ميڙ منٿ قافلا ويل آهن ، جنهن ۾ تڪراري ڌر شرن جا جهيڙي ۾ وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيل آهن ، تن به ميڙ کي مان ڏيندي ڪجھ سال اڳ نبيري لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي هئي ، ۽ تڪرار جي خاتمي لاءِ نبيري جي تاريخ به مقرر ٿي هئي پر ان وقت شر برادري جي ڪجهہ ماڻهن جي راضپي نہ هجڻ ڪري فيصلو ملتوي ڪيو ويو هو . هن وقت فيصلي لاء ان ناراض شر برادري جي چڱن مڙسن کي بہ علائقي جي معززن ميڙ منٿ ذريعي راضي ڪيو آهي پر اڃا تائين ڌرين ۾ نبيرو نہ ٿي سگهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.