پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي : شاهه محمود

 سکر( رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ، پرڏيهي وفاقي وزير مخدوم شاھ محمود قريشي چيو آھي ته وزير اعظم عمران  خان پٺتي پيل علائقن ۽ عوام کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ڪري رھيو آھي. اپوزيشن رڳو تنقيد کان علاوه ڪجهھ به ناھي ڪيو. ھن اھڙيون ڳالھيون پنھنجي آفيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي سان ملاقات دوران ڳالھائيندي ڪيو. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ تنظيم سازي جي حوالي سان پڻ ڳالھيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اندروني سنڌ ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ سکر شھر جي صورتحال بابت تفصيلي آگاھي ڏيندي چيو ته سنڌ جي ٽئين وڏي شھر سکر ۾ پيپلز پارٽي جي نااهلي سبب عوام مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. پ پ حڪومت سنڌو درياهه جي ڪپ تي اڏيل سکر شھر جي عوام کي پيئڻ لاءِ پاڻي به فراھم ناھي ڪري رھي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ به ناھي ڪيو. ملاقات دوران مبين احمد جتوئي، وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي سکر اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. جنھن تي وفاقي وزير کيس چيو ته سکر سنڌ جو تاريخي شھر آھي ۽ سکر جو عوام تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آھي. ھو جلد سکر شھر جو دورو ڪرڻ سان گڏ وزير اعظم پاڪستان عمران خان کي سکر شهر جي مسئلن جي حوالي سان ملاقات ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.