وفاقي سرڪار سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏئي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ناانصافي  بند ڪري۔ ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪيو وڃي۔ پاڻي نہ ملڻ ڪري ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آھي۔ ساحلي علائقن جا ماڻھو بنيادي انساني سھولتن کان محروم بنايا ويا آھن. سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪومتي ۽ طاقتور ماڻھو زبردستي چوري ڪري وڃن ٿا۔ پڇڙي جي آبادگارن ۽ ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ منشيات جو مٺو زھر اسان جي نوجوان نسل کي تباھ ڪري رھيو آھن۔ حڪومت منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي بحالي جو ڪو بہ منصوبو ناھي۔ اھڙي ڪا اسپتال ناھي جتي منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي صحت کي بھتر ڪري سگھجي . ۽ انھن جي ذھني تربيت ڪري سگھجي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس، ايڪسائيز ۽ اينٽي نارڪو ٽڪس جي سرپرستي جي ڪري منشيات جو انسان دشمن ڪاروبار عروج تي پھتل آھي۔ چرس، ھيروئن، آفيم ۽ ٻي منشيات ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ ملي رھي آھي۔ منشيات جو سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار جي ڪري اھي نوجوان جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ٿي سگھيا ٿي، اھي ٻين لاء عبرت جو نشان بنجي رھيا آھن۔ حڪمران فوري طور تي اھو ملڪ دشمن، سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار بند ڪرائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.