نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گمشدگين خلاف مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) 4 ڏينهن اڳ نوابشاهه ويجھو ايس ٽي پي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ايس ٽي پي تعلقي نوابشاهه پاران سبحان مگسي، غفار ڏاھري، لطيف راھو، وقاص ڪيريو حفيظ ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايس ٽي پي ڪارڪن شاھنواز ڪيريو، رستم شاھه، عاقب ڏاھري، زين انڙ، وقار ملاح، خالد راھو، قربان راھو حيدرآباد ھائي ڪورٽ مان پنھنجي ضمانت ڪري واپس نوابشاهه اچي رھيا ھئا ته انھن کي نوابشاهه جي حد مان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.  ھنن چيو ته نوابشاهه پوليس پيپلزپارٽي جي ونگار وھندي اسان جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪري رھي آھي، جيڪو انتھائي افسوس جوڳو عمل آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انھن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.