غلام حسين رنگريز سجائي زندگي گذاري:نصير مرزا

حيدرآباد(پ ر) غلام حسين رنگريز سجائي زندگي گذاري.ھو پنھنجي اسلوب جو بھترين شاعر هو.ھن آتم ڪٿا ۾ سنڌ جي سياسي ادبي  دؤر کي محفوظ ڪري ورتو.اھڙن خيالن جو اظهار نامياري اديب،شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران غلام حسين رنگريز بابت ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ ڪيو. ذوالفقار هاليپوٽي چيو ته اسان کان ھڪ روشن خيال ۽ بھترين ماڻهو جدا ٿي ويو آهي.ساڻس ويجھڙائپ اخباري مضمونن ذريعي ئي.سندس وارثن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان تعزيت ڪريان ٿو.نامور اديب تاج جويي چيو ته غلام حسين رنگريز ھڪ تاريخ ھو،ھڪ تحريڪ ھو.رنگريز مختصر نويس ھو.پاڻ سنڌي ادب سياست جو خاموش خدمتگار ھو،اھڙو ٻيو ڪونه ٿيو.ھن لاءِ محمد ابراهيم جويي چيو ھو سنڌي ادبي سنگت کي سگھارو ڪندو. پنھنجو لھجو ٺاھڻ ڏکيو ھوندو آھي،اھو ھن ٺاھيو.زيب نظاماڻيءَ چيو ته غلام حسين رنگريز ڏاڍو فھميدو ماڻهو ھو.ڪيئي زندگي جا لاھا چاڙھا ٿيا ليڪن ھن مراعت نه ورتي.ھن وٽ تربيت گاھ ھئي.نامياري آرٽسٽ رفيق عيساڻي چيو ته مون کي جڏهن ھوش آيو ته مون رنگريز جو نالو ٻڌو.جڏھن ھن کي ڏٺو،اٿڻ ويھڻ ٿيو.خبر پئي ته ھن آرٽسٽ ٺاھيا.ھو اڪيلو ڪونه ھلندو ھو.ھميشہ ست اٺ ٽي چار ماڻهو ھن سان گڏ ھوندا ھئا.ڊاڪٽر عبدالغفار چيو ته رنگريز سنڌ جو حلالي پٽ ھو.جيڪي ڌرتيءَ جا وارث سڏايا وڃن ٿا،ھو انھن مان ھو.طارق امام جوڻيجي چيو ته ترقي پسند ادب ۾ رنگريز جو اھم ڪردار ادا ڪيو.ڪن ماڻھن جا نظريا پوئلڳ ٿيندا آهن. ان موقعي تي واحد ڪانڌڙي،شاڪر عزيز سيتائي،گل شير ڪوريجي،طالب ڀنڀري،مڪيش بارٿاڻي،دريا خان پيرزادي ۽ ٻين ويچار ونڊيا.گڏجاڻي جي ڪارروائي سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد مولا بخش محبتي ھلائي.آخر ۾ غلام حسين رنگريز جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.