جمس اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف تحريڪ، ڊائريڪٽر پريشان

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ 5 سالن کان ايمرجنسي شعبي جي بندش ۽ سهولتن جي کوٽ، ڪرپشن، بدانتظامي  جي خلاف شهرين پاران تحريڪ جي اعلان بعد ڊائريڪٽر سخت پريشاني جو شڪار آهي معلوم ٿيو آهي ته ڊائريڪٽر ناراض ٿيڻ وارن کي پرچائڻ  لاءِ معافي ۽ تلافين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي سماجي اڳواڻن سان ڪيل بدتميزي تي معذرت ڪري ڇڏي، موڪل نه ملڻ تي استعيفيٰ ڏيندڙ  نرس کي به واپس ڊيوٽي تي گهرائي ڇڏيو آهي ذريعن  مطابق ڊائريڪٽر شپ بچائڻ لاءِ نوڪريون ورهايون پيون وڃن ڪافي ماڻهن کي انهي حوالي سان نوڪري ڏيڻ جون پيش ڪش به ڪئي وئي آهي . انهي سلسلي ۾ جمس بچائو تحريڪ جي اڳواڻ حمادﷲ انصاري، عبدالرحمان آفريدي، جي ايم سومرو، ميان بليدي، گل حسن ٽالاڻي، شلو ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عبدالواحد ٽڳڙ جي ڊائريڪٽر طور مقرري جمس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي  آهي تجربي ڪار ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي بجاءِ ٽڳڙ کي بنا جواز غير قانوني طور تي توسيع ڏني وئي آهي عارضي طور مقرر ڪيل ٽڳڙ کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن ٽڳڙ جمس ۾ مقرري کان اڳ  صحت کاتي لاڙڪاڻي ۾ ملازم هو ڪجهه عرصو اڳ ملازمت کان به رٽائرڊ ٿي ويو آهي انهي سان  ذاتي رنجش ناهي جمس جهڙي بهترين اداري جي تباهي ڪنهن به صورت برداشت نه ٿيندي اداري کي بچائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي آهي جمس ۾ ايمرجنسي شروع ڪرڻ سميت اسپتال کي مڪمل فعال ڪرائڻ ۽ اهل ڊائريڪٽر جي مقرري تائين جدوجهد جو عزم ڪيو آهي جمس ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين جو خاتمو چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.