ٽنڊي الهيار ۾ ملاح برادري جي ماڻهن جو اڳواڻ تي حملي خلاف مظاهرو

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر)ٽنڊوالهيار جي امير بحر ويلفيئر آرگنازيشن پاران مرڪزي اڳواڻ سردار ايوب ملاح تي دادو ۾ قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار  گرفتار نه ٿيڻ خلاف ضلعي صدر عبدالحق ملاح جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي عبدالحق ملاح . الله بخش ملاح . حاڪم ملاح . عبدالرزاق ملاح . محمد عمر ملاح . غلام حسين ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي تنظيم جو سربراه سردار ايوب ملاح دادو ۾ پنهنجي زمين تي وڃي رهيو هو ته بااثرن پاران سندس مٿان قاتلاڻو حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو جنهن ۾ اسان جا ڪجه ٻيا ماڻهون به زخمي ٿيا جنهن جو ڪيس اسان دادو ۾ داخل ڪرايو پر اڃان تائين پوليس ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو هنن الزام هنيو ته دادو پوليس بااثر جوبدارن جي ونگاري بڻيل آهي جنهن جي ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ لاء لهنوائي رهي آهي هنن آئي جي سنڌ سنڌ سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي سربراه ايوب ملاح تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ بااثر جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.