ٺل ڀرسان سيپڪو جي نااهلي، بجلي جي تار ڪري پئي، ڳوٺاڻو شديد زخمي

 ٺل (رپورٽر)ٺل ڀرسان سيپڪو جي نااهلي،زمين ۾ گاهه ڪندڙ ڳوٺاڻي مٿان بجلي جي تار ڪري پئي،شديد زخمي، اسپتال داخل،حالت نازڪ ۾ لاڙڪاڻي منتقل،خبر موجب ٺل ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ساجن بنگلاڻي ۾ سيپڪو عملدارن جي نااهلي سبب بجلي جي ايل ٽي تار زمين ۾ گاهه ڪندڙ ڳوٺاڻي ابوبڪر بنگلاڻي مٿان ڪري پئي،جنهن سبب ڳوٺاڻو ڪرنٽ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو،ڳوٺاڻي کي ٺل جي خانگي اسپتال  ۾ آندو ويو جتي سندس حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

سکر ۾ريلوي انتظاميا جو حد دخلين خلاف ٻيهر آپريشن شروع

سکر( رپورٽر) سکر ۾ ريلوي انتظاميه ٻيهر حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، سکر ريلوي پوليس ۽ عملي جي ڀوسا لائين جي علائقي ۾ ڪاروائي، خبر موجب سکر ريلوي انتظاميا پاران ريلوي ڪواٽرن ۽ پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪندي ريلوي جي ڪوارٽرن تي قبضا ڪري ويٺل ماڻهن کان ڪوارٽر خالي ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهلڪار ۽ عملي قبضا ڪري ويٺل ماڻهن جي گهرن جو سامان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، متاثر خاندانن پاران مهلت ڏيڻ جي ريلوي انتظاميا کان گهر ڪئي، ريلوي انتظاميا کانئن ڪوارٽر خالي ڪرائي ڇڏيا آهن.

لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪاروائيون 9 جوابدارن کي گرفتار جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، چوري ڪيل سونا زيور، چنگچي رڪشو، موٽرسائيڪلون، موبائل فونون، منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ وليد پوليس ٻن سرگرم ڏوهارين شاهد شيخ ۽ بابر شيخ کي پسٽل، ريوالر ۽ گولين سميت، ضلعي شڪارپور جي ٿاڻي ڳڙهي ياسين تي قتل ڪيس ۾ ملوث اشتهاري جوابدار اياز مارفاڻي کي، ڏوڪري پوليس اشتهاري جوابدار گلزار عرف گجو ميراڻي کي، سول لائين پوليس ٽن گهربل جوابدارن ثناءَ الله چانڊيو، سيف الله ۽ شبير چنو کي، يونيورسٽي پوليس منشيات فروش صدام جوڻيجو کي 2 ڪلو چرس سميت ۽ حيدري پوليس جوابدار عارف عرف راجا کي اڌ ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي نئون ديرو پوليس ديوان پرديپ ڪمار کان ڦر ڪيل روڪ رقم هڪ لک روپيه، شهري نظام الدين جوڻيجو جي دڪان تان چوري ڪيل ڏهه هزار روپيا، سچل ۽ دڙي پوليس چوري ڪيل ٻه موٽرسائيڪلون، مارڪيٽ پوليس چوري ڪيل موبائل فون، بقاپور عورت (ا) جي گهر مان چوري ڪيل سونا زيور، نئون ديرو پوليس شهري نديم ڪلهوڙو جي چوري ٿيل چنگچي رڪشو هٿ ڪرڻ بعد ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ روڪ رقم، سونا زيور، موٽرسائيڪلون، چنگچي رڪشو، موبائل فونون ۽ ٻيون شيون اصل مالڪن ضمير حسين، سجاد علي، رضوان علي، رضوان حيدر سميت ٻين حوالي ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف اهڙا ڪيس داخل ڪري کانئن جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.