سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري آزاد نه ٿي، لاڙڪاڻي ۾رواداري تحريڪ جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سکر ويجهو سنگرار مان 10 هين محرم الحرام جي ڏينهن سبيل هلائڻ دوران گهر ٻاهريان اغوا ٿي ويل ستن سالن جي هندو نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ رواداري تحريڪ جي ڪارڪنن هٿ ۾ تئو کڻي ٻارن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سليم شيخ ۽ شمن شيخ معصوم ٻارڙن حسنين، انمول ۽ مدان سان گڏجي دانهيو ته گذريل 10 محرم الحرام جي ڏينهن ستن ورهين جي نينگري پريا ڪماري پنهنجي گهر ٻاهريان سبيل هلائيندي اغوا ٿي هئي جنهن کي 16 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڄ ڏينهن تائين سکر پوليس کيس هٿ نه ڪري سگهي جنهن ڪري پريا ڪماري جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ هندن خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش سنڌ ڌرتي ٽامون ڪئي پئي وڃي، سنگرار مان معصوم نينگري پريا ڪماري جي اغوا موجوده حڪمرانن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي جنهن عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته سکر پوليس جي ناڪامي سبب پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي جنهن کان پوءِ سنڌ جي هندن ۾ خوف ۽ بيچيني واري لهر ڇانيل آهي سنڌي هندن کي هيسائي اهڙي قسم جون ناڪام سازشون ڪيون پيون وڃن. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته سنگرار مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندس گهر ڀاتين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.