سيوهڻ مان پرڻيل عورت مبينا اغوا، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

سيوهڻ(رپورٽ : خالد ميمڻ ) سيوھڻ  جي يوسي جهانگارا ۾ شادي شده ناري ۽ هڪ ٻار جي ماءُ رضيه زال معشوق مڱڻهار کي 10 ڏينھن اڳ ھٿياربندن پاران مبينا اغوا ڪرڻ خلاف مڙس سهري ۽  برادري جي مڱڻھار فقيرن رفيق مڱڻھار. جمن. الھ بچايو.عاشق. رشيد مڱڻھار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيوهڻ پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا آڏو الزام لڳائيندي متاثرين چيو  ته نوحاڻي برادري جي بااثر جوابدارن عمران نوحاڻي. احسان. خدا ڏنو ۽ علي نواز نوحاڻي اسان جي شادي شده عورت ھڪ ٻار جي ماءُ رضيه زال معشوق مڱڻهار کي گهر ۾ داخل ٿي زبردستي  هٿيارن جي زور تي  اغوا ڪري کڻي ويا . بعد ۾ اسان دانهن کڻي نوحاڻي برادري جي چڱي مڙس ڏي ويا سين پر ھن ڪابه داد رسي نه ڪئي وئي. ناري جي مڙس معشوق مڱڻهار چيو ته 10 ڏينھن اڳ نوحاڻي برادري جي بااثر ڄاڻايل جوابدارن چادر ۽ چار ديواريء جو تقدس پائمال ڪري ۽ زال کي اغوا ڪري سندس جو نڪاح مٿان نڪاح ڪرايو ويو آھي ھن چيو ته اسان غريب مڱڻهار فقير آھيون ۽ انصاف لاء در در جا ڌڪا کائي رھيا آھيون پر ان معاملي ۾ پوليس پڻ مدد نٿي ڪري ۽ نه ئي وري چڱا مڙس اسان جو تڌارڪ ٿا ڪن. ھنن سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاه, آء جي سنڌ مشتاق مهر,  ڊي آء جي حيدر آباد, ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اغوا ٿيل ناري واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.