ٽنڊي الهيار لڳ ٽرڪ نينگر کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ويجهو روڊ حادثو 12 سالا نينگر فوت لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي لاش گهر پهچڻ تي  ڪهرام مچي ويو خبر موجب بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ موسي خان پتافي ڀرسان ماتلي کان مزدوري لاء ايندڙ سولنگي برادري جي ماڻهن سان روڊ حادثو پيش آيو مين شيخ ڀرڪيو ٽنڊوالهيار روڊ تي ڪيلي سان ڀريل ٽرڪ پنڌ ويندڙ نينگر جي مٿان چڙهي وئي نتيجي ۾ نينگر  12 سالا اشرف ولد گل محمد تڏي تي فوت ٿي ويو اطلا ع تي بڪيراشريف پوليس واقعي واري جاء تي پهچي ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.