جوهي جي مغوي نينگري آزاد، مهينو لڄالٽ ڪرڻ جو الزام

جوهي ( ن  ع  آ  ) جوهي شهر جي حُسين آباد ڪالوني مان اغوا بعد بازياب ٿيل نينگري سجيلا پنهور کي فرسٽ سول جج اينڊ جُڊيشل مئجسٽريٽ جوهي عبدالسليم ڪلهوڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو, جتي نينگري سجيلا پنهور عدالت کي ٻُڌايو ته نور احمد لنڊ  کيس زبردستي اغوا ڪرڻ بعد قاضي احمد ۾ هڪ  گهر اندر 25 ڏهاڙا  ناحق بند ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو, نينگري عدالت آڏو استدعا ڪئي ته هوء  پيءُ ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي جنهن ڪري کيس پيءُ حوالي ڪيو وڃي, جنهن تي عدالت کيس پيء حوالي ڪرڻ جو حُڪم جاري ڇڏيو آهي, جڏهن ته جوابدار  نور احمد لنڊ کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي, ياد رهي ته گذريل ڏينهن به نينگري سجيلا پنهور ۽ جوابدار نور احمد لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هيو ۽ عدالت کين هڪ ڏينهن جي رمارنڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ سميت سندن ميڊيڪل ڪرائڻ جو حُڪم ڏنو هيو ۽ عدالتي حُڪم تي سندن ميڊيڪل ڪرائڻ بعد اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.