راڻيپور ۾هٿيابندن جو نيڪ مرد تي حملو

راڻيپور(رپورٽ عامر مهيسر) راڻيپور جي معزز شخصيت جي گاڏي مٿان نامعلوم ھٿياربندن جو حملو، معجزاڻي طور پاڻ محفوظ، سندس جي  گاڏي جو نقصان ٿي ويو، شھرين پاران حملا آوارن جي گرفتاريءَ جي گھر، رپورٽ موجب راڻي پور جي ناليوار سياسي سماجي شخصيت غلام حسين ملاح جي پٽ ماجد حسين ملاح جي گاڏي مٿان رات جو دير سان ھنڱورجا مان واپسي تي شاھ جي مشين لڳ نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. جنھن سبب ماجد ملاح ۽ گاڏي ۾ موجود ٻہ ڄڻا معجزاڻي طور بچي ويا. اھڙي خبر سوشل ميڊيا تي ھلڻ بعد وڏي انگ ۾ شھري سندس جي رھائشگاھ تي پھچي ويا ۽ خيريت معلوم ڪئي. ان موقعي تي شھرين سوشل ميڊيا جي مقامي گروپن تي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ۽ ٻين وس وارن کي حملا آوارن جي گرفتاريءَ جي گھر ۽ اھڙي عمل جي مذمت پڻ ڪئي. ان حوالي سان ماجد ملاح صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ منھنجي ڪنھن سان ڪا بہ دشمني نہ آھي. اسين مجلس تان واپس پنهنجي گهر راڻيپور اچي رھيا ھئاسين تہ رستي ۾ قومي شاھراھ تي نامعلوم ھٿياربند بيٺل ھئا. جن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ اسين محفوظ رھياسين. ايس ايس پي ۽ ٻيا وس وارا ادارا ان جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.