ملير ۾ تيز برسات، علائقا پاڻي هيٺ، رهواسي عذاب ۾ ورتل

ملير (ڊ.ر) ملير جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ، روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، بجلي بند هجڻ سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل، ضلعي انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو، ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، تيز  برسات سبب ملير ندي، سکڻ ندي پاڻي جي وهڪري سان ڀرجڻ سبب ڳوٺاڻن جو زميني رستو ڪٽجي ويو، ٿڌو ڊيم سميت ننڍا ننڍا ڊيم پاڻي سان ڀرجي ويا، تيز برسات سبب لنڪ روڊ  تي ٽرڪون ۽ ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ سبب روڊ بند ٿي ويو، مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، صوبائي وزير ساجد جوکيو ۽ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو گلشن حديد، پپري ۽ ٻين علائقن جو هنگامي دورو ڪري برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون، خبر موجب ؛ ملير جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به تيز برسات پوڻ سبب روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب شهرين جي اچ وڃ بند ٿي وئي، جڏهن ته ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ضلعي انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال جو بندوبست نه ڪرڻ سبب شهري سخت پريشان کي منهن ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي علائقن ۾ گٽرن جو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ ڪاهي پوڻ سبب رهواسي سڄو ڏينهن گهرن مان پاڻي ڪڍندا رهيا، جڏهن ته تيز برسات پوڻ سبب وڏي عرصي کانپوءِ ملير ندي ۽ سکڻ ندي پاڻي جي وهڪري سان وهڻ سبب مختلف ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان زميني رستو ڪٽجي ويو، جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي گهرن تائين پهچي نه سگهيا، جڏهن ته گڏاپ لڳ قائم ٿڌو ڊيم سميت ننڍا وڏا ڊيم پاڻي سان ڀرجڻ سبب ڀرپاسي جي ڳوٺن کي خطرو لاحق ٿي پيو آهي، ڊيم ٽٽڻ جي صورت ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، ڳوٺاڻن پاران ٿڌو ڊيم سميت ٻين ڊيمن جي مانيٽرنگ ڪرڻ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي اپيلون پڻ ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف تيز برسات سبب لنڪ روڊ تي ٽرڪون ۽ ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ سبب سپر هاءِ وي کي قومي شاهراهه سان ملائيندڙ لنڪ روڊ بند ٿي ويو، سوين گاڏيون بيهڻ سبب ٽريفڪ بند ٿي وئي جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ٻئي پاسي برسات جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي وزير ساجد جوکيو، وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد ۽ ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو پاران گلشن حديد، پپري ۽ ٻين علائقن جو هنگامي دورو ڪري برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته برسات جي موسم ۾ گلشن حديد ۽ ٻين علائقن جي برساتي نالن جي پوزيشن بهتر آهي، ننڍن، وڏن نالن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو هو، وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايت تي نالن جي صفائي جي ڪمن جي نگراني ڪري رهيا آهيان، ضلع ڪائونسل ڪراچي، ڊي ايم سي ملير جو عملو هر وقت علائقن ۾ موجود آهي، ان موقعي تي آغا طارق پٺاڻ، مشتاق مٽو، خدا بخش پٺاڻ، نبيل بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.