نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، اوٻاوڙو ۾وارثن جو احتجاج

اوٻاوڙو (رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ  ) اوٻاوڙو لڳ جھنگل ملڪ ۾ ٻه ڏينھن اڳ  پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙي ۾ نيازي برادري جي فائرنگ ۾ نوجوان محمد پناھ ڀٽو  قتل ٿي ويو هيو جنهن جي ايف آئي آر مقتول جي ڀاء محمد نواز ڀٽو جي فرياد تي نيازي برادري جي پنجن ماڻهن فدا حسين نيازي. مقبول نيازي. علي نيازي. ابرار نيازي ۽ ڪاشف نيازي تي داخل، ڪيو ويو ايس ايس پي گهوٽڪي پاران انڪوائري لاءِ  ڊي ايس پي راڻا نصر الله کي مقرر ڪري ڇڏيو مقتول جي وارثن جو انڪوائري آفيسر خلاف احتجاج ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ ھو ته راڻا نصرالله  جوابدار فدا نيازي جو ويجھو دوست آهي جيڪو هن وقت به انهن جي اوطاق تي ويهي مانيون کائي رهيو آهي هو اسان سان انصاف ڪڏهن ڪون ڪندو ڇو جو هو نيازي برادري جي ڌر بڻيل آهي ان جي انڪوائري اسان کي  منظور نه آهي اھڙي انڪوائري ڪنھن ايماندار آفيسر کي ڏني وڃي مقتول جي ڀاءُ محمد نواز ڀٽو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان مسڪين مزدوري ڪندڙ آهيون اسان جو پلاٽ سان ڪو واسطو نه ھيو  منهنجي ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو  ويو آهي هو سبزي وٺڻ ويو هيو وچ بازار ۾ منهنجي ڀاءُ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي آء وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کي اپيل ٿو ڪريان ته راڻا نصرﷲ نيازي برادري جي ڌر بڻيل آهي ڪو ٻيو انڪوائري آفيسر مقرر ڪري منھنجي مقتول ڀاء جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.