ٽنڊي آدم ۾ ش ڀ جي گمشدگين خلاف بک هڙتال

 ٽنڊوآدم (ن ع آ) ٽندوآدم ۾  پ ڀ شھيد ڀٽو پاران  قمبرشھدادڪوٽ پوليس پاران 4ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف علامتي بک هڙتال نعريبازي رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ پ ڀ شھيد ڀٽو جي4ڪارڪنن کي قمبر شهدادڪوٽ پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف آڳواڻن يونس بروهي.لياقت چانڊيو.لکاڏنو ڏاھري. طارق قريشي. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳائي ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي ڪارڪنن پوليس گردي خلاف نعريبازي به ڪئي اڳواڻن ڳالھيندي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ پوليس اسان جي 4 ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو آھي ڊپ آھي ته کين ھاف فرائي يا فل فرائي ڪيو ويندو هنن اختيارن کان گھر ڪئي آھي بي گناھ گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.