سنڌ ۽ بلوچستان جي ”ليڊيز لاءِ سي ايس ايس جو اسپيشل امتحان“ ٿيڻ گهرجي

تحرير: سدا حيات جلباڻي

اڻويهھ سو اڻھتر ۾ شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي ”عدالتي قتل“ بعد سنڌ جي عوام  ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا ته ساڻو ٿي پيو. پنھنجي مشيرن سان مشورو ڪيائين ته سنڌ جي ماڻھن  کي ڪھڙي ريت راضي ڪري سگهجي ٿو. صلاح مليس ته شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو پاران گڏيل راءِ سان منظور ڪرايل  ٽيھتر جي آئين ۾  ڪوٽا مطابق رکيل  سي ايس ايس جون ھر سال بچي پوندڙ پوسٽن لاءِ عمر جي آخري حد ۾ رعايت ڏيئي اسپيشل امتحان ڪرايو. ائين ئي ٿيو.  اڳتي ھلي سول سروسز اڪيڊمي ۾ بغض وچان ان بيچ کي ”بمپر ڪراپ“ جو خطاب مليو.  جنھن تي  بمپر ڪراپ وارا ناراض به ٿي پيا. پوءِ صفائي پيش ٿي ته اسان جو اھو مطلب نه ھو.

ھينئر خبرون ھلن پيون ته ملڪ ۾ سي ايس ايس جي امتحانن ۾ ليڊيز خاص ڪري سنڌ جي ليڊيز جو ڀاڱو پورو نه  ٿو ٿئي. اھو ڏٺو ويو آھي ته ليڊيز جو تمام گهٽ انگ سي ايس ايس جي امتحان ۾ شرڪت ڪري ٿو. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ويھه سو ويھن ۾ ليڊيز جي خالي سيٽن  جو انگ وڌي وڃي ايڪيهھ  سيڪڙو ٿي ويو آھي. انھن ايڪيهھ  سيڪڙو پوسٽن ۾ سنڌ جو حصو تمام گهڻو آھي. ھن ڏس ۾ ھڪ خاص ڳالهه اھا آھي ته پنجاب جي حصي ۾ ايندڙ عورتن جون سڀ ڀريل آھن. ڪائي سيٽ خالي نه آھي.

خالي پيل ايڪيھه  سيڪڙو پوسٽن ۾ سنڌ جو حصو تمام گهڻو ڇو آھي؟ ۽ پنجاب جي حصي ۾ ايندڙ عورتن جون سڀ سيٽون ڀريل ڇو آھن؟  ڳالهه چٽي آھي  ته جاڳرتا ۽ شاگردياڻين پاران سي ايس ايس امتحان جي تياري جو نه ھجڻ. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ زيبسٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، نثار احمد صديقي روڊ تي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جھڙا بھترين تعليمي ادارا موجود آھن. اھي خواھشمندن جي ضروري  ٽيسٽ وٺڻ  بعد  بنا فيس جي  سي ايس ايس امتحان جي  تياري ڪرائي سگهن ٿا.  سي ايس ايس جو ليڊيز لاءِ اسپيشل امتحان ڪڏھن به  ٿئي، اسان کي پنھنجي  تياري ھاڻي سان سان ئي ڀرپور نموني شروع  ڪرڻ گهرجي.

مٿي ڄاڻايل تعليم ادارا فوڪل پرسن مقرري سي ايس ايس جي خواھشمندن سان لھه وچڙ ۾ اچن. جاڳرتا لاءِ سي ايس ايس بابت  بوڪليٽس (ڪتابڙا) عام ڪاليجن جي لائبرين ۾ رکرائين.  ھر يونيورسٽيءَ جي لائبرري ۾ سي ايس ايس ڪارنر ٺاھي پڙھائي لاءِ سي ايس ايس جي فارم سان گڏ لسٽ ۾  ملندڙ گهربل ڪتاب ۽ انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارون مھيا ڪن.

سنڌ جي نياڻين پاران سي ايس ايس  ۾ ڪاميابيءَ جا ڪافي روشن مثال به آھن.  پوليس گروپ جي سھائي عزيز ٽالپور ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي ڊاڪٽر سنا رامچند  جي واکاڻ بابت سنڌي ۽ انگريزي اخبارن جي صفحا ڀريل ملن ٿا. انھن  فخر لائق آفيسرن  کي ليڪچر لاءِ دعوت ڏيئي گهرائي سگهجي ٿو.  ھن ڏس ۾ سنڌ  سي ايس ايس ايسوسي ايشن  جو تعاون به حاصل ڪري سگهجي ٿو. سول سروسز اڪيڊمي مان ٽريننگ حاصل ڪري شروع ۾ ته عھدا گروپ جي ايلوڪيشن مطابق ملن ٿا. اڳتي ھلي سي ايس ايس آفيسرس ۾ ڪو خاص فرق نه ٿو رھي. پوءِ ھر طرح جي عھدي تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.  تنهن ڪري سڀني کي ھن ڳالهه تي زور ڏيڻ کپي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ليڊيز لاءِ سي ايس ايس جو اسپيشل امتحان“ ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.