کنڀيل ذاڪر سهتو آزاد نه ٿيو، ٽنڊي محمد خان ۽ نوابشاهه ۾احتجاج

ٽنڊومحمدخان/نوابشاهه (نمائندا ) کنڀيل ذاڪر سهتو آزاد نه ٿيو، ٽنڊي محمد خان ۽ نوابشاهه ۾احتجاج تفصيل موجب ٽنڊو محمد خان ۾ جساف طرفان  کنڀي گم ڪيل جساف اڳواڻ ذاڪر سهتو جي بازيابي 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتال ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ جساف جي ڪارڪنن مرڪزي سيڪريٽري جنرل آزاد حسين سومرو، سنڌو ساگر ، عبدالرزاق خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسٽيشن روڊ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي ، ان موقعي تي جساف اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ذاڪر سهتو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو اڃان تائين 20 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ذاڪر سهتو کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن جسقم جساف نوابشاھه پاران اڄ 20ھين ڏينهن به سرفراز ميمڻ، راشد چانڊيو، سيد ناصر شاهه، حنان عباسي، فرحان کوسو، سندس ڀاءُ ايڊوڪيٽ صابر سھتو جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي انھن چيو ته ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 20 ڏينهن گذري ويا آھن جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.