وقت کان اڳ چونڊن لاءِ ڳالهيون نه پيون ٿين: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته  وقت کان اڳ چونڊن لاءِ ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، اسان جي گهڻن ڪمن جا نتيجا  هاڻي اچڻ شروع ٿيا آهن، هن چيو ته اسان کي پنهنجو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ڪيترين ئي رٿائن کي مڪمل ڪرڻو آهي، هن چيو ته عالمي قيمتون وڌڻ باوجود پاڪستان ۾ تيل قيمتون نه وڌيون، پاڪستان جي 5 وڏن فصلن مان ٽن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، هوڏانهن وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته2023ع ۾ سنڌ ۾ پ پ جي ايندڙ حڪومت نه ٺهندي، پي ٽي آءِ سرڪار قائم ڪندي، هن چيو ته مڊٽرم چونڊون نه پيون ٿني، سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيندا، مهانگائي جو تعلق عالمي منڊي ۾ شين جي اگهن سان آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.