پ پ پنهنجا سياسي ڪارڊ بهتر طريقي سان پئي کيڏي: چوڌري نثار

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهر وزير چوڌري نثار چيو آهي ته آئنده سياست ڪهڙي پليٽ فارم تان ڪندس، اڃا فيصلو ناهي ڪيو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان جو مون سان رويو هميشه سٺو رهيو آهي، هن جي باري ۾ منهنجا خيال سٺا آهن، هن چيو ته عمران خان نيڪ نيت ۽ سٺو ليڊر آهي پر حڪمران بڻجڻ کانپوءِ عملي قدم نظر نه پيا اچنهن چيو ته منهنجو فوجي بيڪ گرائونڊ آهي، نوازشريف  ۽ شهبازشريف تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو مون سندن مدد ڪئي، هن چيو ته 2014ع ۾ مون پي ٽي آءِ ۽ طاهر القادري کي ريڊزون ڪراس ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، وزيراعظم اچڻ جي اجازت ڏني، ان ڪري مون گهرو وزارت تان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن چيو ته پوليس ۽ ايف سي کي آپريشن کان وزيراعظم روڪيو هو، هن چيو ته آصف زرداري سان سياسي طور اڻ بڻ رهي پر هو سٺو ۽ زيرڪ سياستدان آهي، پ پ پنهنجا سياسي ڪارڊ بهتر طريقي سان کيڏي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.