افغانين جي آمد، سنڌي ملازمن جي برطرفين خلاف قومي عوامي تحريڪ سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي(نمائندا)افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي کاتن جي نوڪرين مان 16000ھزار سنڌي ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالھ چوٿين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ويو، ميرپور بٺورو ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، زين سومرو، عزيز چوھاڻ، اشفاق مڱڻھار، مٺي ۾ سبحان بجير، وڪيل شاهنواز هنڱورجو، دانش پرمار، شاھپور چاڪر ۾ علي مردان کوسو ، حضور بخش ڏاھري ،شڪارپور ۾ ايڊووڪيٽ ظفر چنا، زاھد گھلو، وڪيل آغا فھد ۽ ٻين ڪئي۔ نئون دمبالو ۾ بچل احمداڻي، نانجي رام، جئه مل ۽ ٻين ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪيو،ن موقعي تي اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء 20 لک غير قانوني پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن، ٻي طرف افغانستان جو حالتون خراب ٿيندي ئي لکين افغانين کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومتون سرگرم آهن، جيڪي سازشون سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هتي هڪڙو نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جون آهن۔ قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته  پاڪستان ۾ پناهگيرن جي داخلا تي بندش لڳائي وڃي، سنڌ جي 16000 ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، دراصل سورنهن هزار خاندانن جو معاشي طور قتل عام ڪرڻ آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.