آبپاشي کاتي جون آفيسون موڪلن جي ڏينھن ۾ به کليل رکڻ جو سرڪيولر

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو جي ھدايتن تي آبپاشي کاتي جون سموريون آفيسون موڪلن جي ڏينھن ۾  به کليل رکڻ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته کاتي جون سموريون آفيسون سانوڻي جي برساتن دوران کليل رھنديون ۽ سمورا عملدار اسٽاف سميت موجود رھندا ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. سرڪيولر مطابق کاتي جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلن کي رد ڪري ڊيوٽي تي موجود رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو لوئر پنياري ڊويزن سجاول تي مقرر ايگزيڪيوٽو انجنيئر فريد احمد ميمڻ کي مسلسل پاڻي چوري بابت عوامي شڪايتن کي حل نه ڪرڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ايگزيڪيوٽو انجنيئر فريد احمد ميمڻ کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جمع پڻ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي ـ ان ڏس ۾ صوبائي وزير آبپاشي کاتو ڄام خان شورو چيو آهي ته پاڻي چوري سميت ٻين عوامي شڪايتن جو ازالو نه ڪندڙ ۽ فرضن ۾ ڪوتاھي ڪرڻ وارن عملدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.