نذير عباسي مظلومن جو ليڊر قرار، پاڪستان افغانستان ۾ عالمي سامراج جو سهولتڪار بڻجي ويو: ساڃاهه وند

 سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) نذير عباسي جو رستو مظلوم قومن جي آجپي ۽ حقيقي انقلاب آڻڻ لاءِ مسلسل جدوجھد وارو آھي، پاڪستان اندر ھميشا اسٽبليشمنٽ ۽  عوام دشمن عنصرن جي حڪومت ايندي رهي  آهي، اھا ڳالھ جاڳرتا فورم سکر طرفان فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام رسول گھمري انقلابي ليڊر نذير عباسي جي قريشي ڳوٺ ۾ 41 ھين ورسي واري تقريب جي صدارت ڪندي ڪئي. ھن چيو ته  جيسيتائين عوام پاڻ پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ عملي ميدان ۾ نه نڪرندو حقيقي سماجي تبديلي ممڪن ناھي، نذير عباسي جو مشن ملڪ جي مظلومن ھارين ۽ پورھيتن جي جدوجھد کي ھٿي ڏيڻ ھو بلڪي عالمي طور تي ھارين ۽ پورھيتن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ بغير رنگ نسل قوم جنس ۽ مذھب جي عالمي سانياج جو مقابلو ڪرڻ ھو، ان مقصد خاطر ھن پنھنجي جان جو نذرانو پڻ پيش ڪيو، ان موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري امداد قاضي، ممتاز منگي، فيض سومرو، نبن ساکاڻي، گلشير شر، مالڪ کوسي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان سڌي طور مداخلت ڪندي اتان جي رجعت پسند طالبان ۽ عالمي سامراج جو خاص سھولتڪار بڻجي ويو آھي، غير جانبدار پاليسي جي دعويٰ رڳو ڏھڪاءُ آھي، ھنن چيو ته  نذير عباسي جي جدوجھد ھڪ انسان دوست ۽ پورھيت دوست انقلاب لاءِ هئي، ھن پنھنجي جان به  انھيءَ عظيم نظريئي خاطر قربان ڪئي، پر پنھنجي عزم کان ھڪ انچ به  نه   هٽيو، فورم 27 سالن کان سندس ورسين کي ملهائيندي پئي اچي، جيڪا روايت باعمل ھجڻ جو سٺو ثبوت آھي، ھن تقريب کي مير منور ٽالپر ثريا مخدوم حڪيم زنگيجي علي مردان شيخ ۽ ٻين نذير عباسي جي شخصيت کي خراج پيش ڪيو، تقريب جي شروعات ۾ آيل سمورن مھمانن کي روايتي سنڌي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏھن ته بلوچستان جي قومپرست سياستدان عطاءُ الله مينگل، اديب غلام حسين  رنگريز ۽ ڪھاڻيڪارمحمد علي پٺاڻ جي وني جي وفات تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.