مهراڻ ٽائون فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ مهراڻ ٽائون فيڪٽري ۾ ٻاهه لڳڻ سبب17 پورهيتن جي قتل واري ڪيس ۾  جوابدارن طور نامزد جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جوابدارن ۾ فيڪٽري مالڪ علي حسن مهتا، مڪان مالڪ فيصل طارق، مينيجر عمران زيڊي سميت ٻيا شامل آهن .جوابدار مڪان مالڪ جي وڪيل چيو ته ڪيس صرف ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي. اسان صرف مڪان مسواڙ تي ڏنو 2019ع ۾ فيڪٽري ٺاهي وئي. مئوڪل پهرين دبئي ۾ سيٽ هو، پوءِ پاڪستان آيو . عدالت چيو ته جنهن علائقي فيڪٽري لڳائي وئي هو صنعتي زون آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته سڄو علائقو صعنتي زون آهي، فيڪٽري ۾ ڪيمڪل جي ڪابه شي موجود نه هئي، جوابدار جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن، ڪيس ۾ ليبر ڊپيارٽمينٽ کي به شامل ڪيو وڃي، عدالت جوابدارن جي ضمانت ۾ 7سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. يادرهي ته گذريل ڏينهن  5، 5 لک جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.